خيرپور ڀرسان ناري کي مڙس پاران گھٽا ڏئي مڻڪو ڀڃي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

0
186
خيرپور ڀرسان ناري کي مڙس

خيرپور: راڻيپور جي رهواسڻ مسمات پرويز خاتون شيخ سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي آفيس پهچي وئي، نياڻي طرفان ڌيءَ کي گهٽا ڏئي مڻڪو ڀڃي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

مسمات پرويز خاتون وڊيو بيان ۾ ٻڌايو تھ منهنجي ڌيءَ پريت جي شادي عديل شيخ سان ٿيل هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي، عديل شيخ ڌيءَ مٿان سخت تشدد ڪندو هو ۽ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

مسمات پرويز خاتون موجب واقعي بعد ڌيءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي مختلف بهانا بڻائي ۽ ڊيڄاري ماٺ ڪرائي ڇڏيو

ھن چيو تھ راڻيپور پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه پئي ڪري نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، واقعي جو نوٽيس وٺي ڌيءَ جي قبر ڪشائي ڪرائي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي