خيرپور (رپورٽر) ٻه ڏينهن خيرپور ۾ ڳوٺ وڏا سمنگ ڀرسان ميرواهه ڪينال ۾ ٻُڏي ويل 5 سالا معصوم نينگري هِيرَ ڌيءَ واحد بخش شيخ جو 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش هٿ اچي نه سگهيو جنهن ڪري نينگريءَ جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل آهي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق حسين چانڊيو جي حڪم تي سکر مان گهرايل نيوي جا ٽوٻا نينگريءَ جي لاش جي ڳولها ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ وڏا سمنگ ڀرسان ٻه معصوم ٻارڙا 6 سالن جو عبدالله ولد عبدالحڪيم شيخ ۽ 5 سالن جي هِيرَ ڌيءَ واحد بخش شيخ ميرواهه ڪينال ۾ ڪِري ٻُڏي ويا هئا جن مان نينگر عبدالله شيخ جو لاش ڳولها بعد هٿ ڪيو ويو هو جڏهن ته نينگريءَ جو لاش هٿ اچي نه سگهيو هو.