خيرپور: ڏيڍ مهينو اڳ ڪراچي جي عدالت ۾ نوجوان شفقت مهر سان پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري صائمه هٿيارن جي زور تي اغوا، مڙس جو احتجاج. متاثر نوجوان شفقت مهر جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان ڀيڻ جي گهر گهمڻ آياسين جتي جوابدار خان محمد خاصخيلي، يار محمد، ممتاز ۽ ارشاد خاصخيلي هٿيارن جي زور تي گهر واري کي اغوا ڪري ويا. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار چار لک رپيا روڪ رقم، ٻه تولا سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، پوليس ڪوبه تعاون نه پئي ڪري. متاثر نوجوان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي گهر واري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.