خيرپور/ ڪنب (نمائندن وٽان) خيرپور پوليس مقابلو ڄاڻائي ٽن جوابدارن کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو، زخمي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ. پوليس موجب ڪنب ٿاڻي جي حد ننگريجا لنڪ روڊ ڀرسان ڏوهه جي ارادي سان ڏوهارين جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع بعد پوليس پارٽي نشاندهي ڪيل هنڌ تي پهتي ته ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. ان دوران پوليس جوابي فائرنگ ڪري ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا. پوليس موجب زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ عابد گوپانگ، شڪيل راڄپر ۽ عجب ميرجت جي نالن سان ٿي آهي. پوليس اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري ڌاڙن، چورين، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا. پوليس موجب جوابدارن گذريل ڏينهن سجاول بڙديءَ کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ۽ کيس زخمي ڪيو هو، گرفتار زخمي ڏوهارين جي قبضي مان ٽي پستول، گوليون ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. ٽنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته خميس واري رات دير سان ڪنب ٿاڻي جي حد نور بوزدار ويجھو ميرواهه ڪينال وٽ جوابدار موٽرسائيڪل ڦر بعد فرار ٿيا ته ڳوٺاڻن سندن پيڇو ڪري پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ھو، جنهن بعد پوليس مقابلو ڄاڻائي کين زخمي ڪري ڇڏيو آهي.