خيرپور (رپورٽر) خيرپور اي سيڪشن پوليس سليم آباد ۾ گهر تي مبينا چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارثن جو سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج،  نوجوانن کي آزاد ڪري ڦرلٽ ڪيل سامان ۽ رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب خيرپور ۾ سليم آباد واري علائقي ۾ اي سيڪشن پوليس رات دير سان مبينا طور گهر تي چڙهائي ڪري قادر بخش ۽ فيض محمد رند کي کنڀي کڻي وئي. اهڙي عمل خلاف وارثن ۽ سليم آباد جي رهواسين غلام فريد رند، انور علي، اقبال رند ۽ مختيار شيخ سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اي سيڪشن پوليس گذريل رات دير سان بنا جواز گهر تي چڙهائي ڪري قادر بخش ۽ فيض محمد رند کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پوليس گهر مان ٻه تولا سون، 2 موبائل فون، هزارين رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان به کڻي وئي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڳاپيل پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪرائي ڦرلٽ ڪيل سامان ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي..