خيرپور (رپورٽر) ڳوٺاڻن جو پوليس زيادتين ۽ مبينا طور 13 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان احتجاج، پوليس مبينا طور کنڀي گم ڪيل 10 ڄڻن مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو. خبر موجب خيرپور ڀرسان مصري ڳوٺ جي رهواسين سليمان ٻرڙو، شوڪت، منظور، نورل، علي شير ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽڏيجي پوليس جي مبينا زيادتين ۽ 13 ڄڻن کي بناجواز گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي پراڻي قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏي. مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته ڪوٽڏيجي پوليس گذريل رات 8 وڳي بنا جواز ھوٽل تي ويٺل ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو، واپارين ۽ ڳوٺاڻن کان 8 لک رپيا ، 10 موبائل فون، ھڪ ٽي وي، بيٽريون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد گلشير ٻرڙو، امتياز، اياز، محرم، مير حسن، نادر، قربان، ساجد ۽ ياسين ٻرڙي سميت 13 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڏاڍائين جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرايو وڃي. هوڏانهن ٻرڙا برادري جي احتجاج بعد ڪوٽڏيجي پوليس کنڀي گم ڪيلن مان 10 ڳوٺاڻن مٿان جوئا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.