خيرپور يونيورسٽي انتظاميا هٿان شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ جو خدشو

0
214

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور انتظاميا جي سنگين لاپرواهي سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جو سال ضايع ٿيڻ جو خدشو، لاڙڪاڻو ڪمپس ۾ بي اي ۽ ايم اي پارٽ ون جا امتحان شروع ٿيڻ باوجود ڪيترن ئي شاگردياڻين کي سلِپس نه مليون، شاگردياڻيون امتحان ڏيڻ کان محروم، شاگردياڻين دانهيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا فيسز ۽ سندن محنت ضايع ڪري رهي آهي، گرلز ڪاليج جي پرنسپال جو چوڻ آهي ته شاگردياڻين جي مسئلن بابت انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو، يونيورسٽي انتظاميا ڪابه موٽ نٿي ڏئي.