خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مبينا طور پوليس هٿان کنڀيل ڏهين ڪلاس جي شاگرد سميت ٻن ڄڻن جي  بازيابيءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي پيرڳوٺ سميت 4 پوليس آفيسر عدالت طلب. خبر موجب سيشن جج خيرپور جي عدالت ڏهين ڪلاس جي شاگرد 14 سالن جي امداد حسين جاگيراڻي ۽ ڪامران راهوجو کي کنڀي گم ڪرڻ واري معاملي ۾ نوٽيس جاري ڪندي کنڀيل ٻنهي ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ڳوٺاڻي علي ڏنو راهوجو ۽ گمبٽ واسي محمد پناهه جاگيراڻي جي طرفان داخل ڪرايل الڳ الڳ پٽيشنون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي الزام هيٺ ڊي ايس پي پيرڳوٺ عبدالحق قريشي، ايس ايچ او پير ڳوٺ اربيلو ڀنگر، ايس ايچ او گلو سيال نثار احمد کوکر ۽ اي ايس آءِ رب نواز سيال کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.