خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ تعليم کاتي سنڌ سرڪار جون تعليمي سڌارن واريون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون ، خيرپور ويجهو واقع گورنمينٽ پرائمري اسڪول حسين بخش ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان تدريسي عمل بند، استاد گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳو، ڳوٺاڻن اسڪول عمارت ۾ کارڪن سڪائڻ جو پڙ قائم ڪري ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ تعليم کاتي سنڌ سرڪار جون تعليم کاتي کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جون سموريون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون. خيرپور ويجهو ڳوٺ سانولو جمالي ۾ واقع گورنمينٽ پرائمري اسڪول حسين بخش شيخ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان تدريسي عمل بند آھي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته اسڪول ۾ مقرر ڪيل استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي جڏهن ته بايو ميٽرڪ عملو پڻ گوسڙو استاد بابت خاموش بڻيل آھي. هوڏانهن اسڪول کي ڪيترن ئي سالن کان تالو لڳل هجڻ ڪري ڳوٺاڻن اسڪول جي اڱڻ کي کارڪن سڪائڻ جي پڙ ۾ تبديل ڇڏيو آھي ۽ ڪلاسن ۾ کارڪن جون ٻوريون رکي ڇڏيون آهن، جنهن ڪري ڳوٺ جي ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عنايت الله شيخ، گُل حسن شيخ، جلال شيخ، محبوب شيخ، گُل بيگ شيخ، عبدالغفار شيخ، عبدالله شيخ، ۽ صدام شيخ جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ فقط هڪ ئي استاد مقرر ٿيل آهي جيڪو اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ آهي پر هُو نالي ماتر ئي اسڪول ايندو آهي. تعلقي ايجوڪيشن آفيسر محمد يوسف بگٽيءَ کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته هن فون اڌ ۾ ڪٽيندي صرف ايترو چيو ته ڳوٺاڻن کان اسڪول بلڊنگ خالي ڪرايون پيا. جڏھن ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيش آفيسر اصغر بوزدار موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.