ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ خيرپور واسڻ پنجن سالن جي ٻارڙيءَ فوت، وارثن پاران لاش کڻڻ کان انڪار، ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام، ان ڏس ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ داخل خيرپور جي پنجن سالن جي ٻارڙيءَ صبا ابڙو آڪسيجن نه ملڻ سبب  تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، فوتي ٻارڙي جي والد منظور ابڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙيءَ جو آپريشن دوران گھڻو رت نڪتو هو،  اسان رت جو بندوبست به ڪري ڏنو پر ڊاڪٽرن کيس رت جون ٿيلهيون نه لڳايون ۽ آڪسيجن به نه ڏني، جنھن ڪري معصوم صبا اسپتال اندر ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ھن چيو ته ٻارڙيءَ تڙپندي رھي پر انتظاميا ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بدران تماشو ڏسندا رھيا، هن چيو ته منھنجي ڌيءِ جي موت جا ذميوار جناح اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ انتظاميه آھي، ھن صوبائي وزير صحت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گھر ڪئي ته جناح اسپتال انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو، ٻئي پاسي وارثن رات دير تائين ٻارڙيءِ  جو لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو.