خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ايل ايچ وي ريحانه کرل پاڻ مٿان لڳل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته نيشنل پروگرام جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر طاهره ڪنول گاجاڻي مون سميت آفيس جي سموري اسٽاف کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريحانه کرل چيو ته ڊاڪٽر طاهره ڪنول بنا جواز شوڪاز نوٽيس ڏياريا ۽ حيدرآباد رليوِ ڪرائي ڇڏيو. هن چيو ته مون جڏهن ڊائريڪٽر جنرل، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر رحمت الله سولنگي، سندس پٽ ۽ ڊاڪٽر طاهره ڪنول خلاف حراسان ڪرڻ تي پنهنجي وڪيل بابره سولنگي معرفت خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته هنن منهنجي وڪيل بابره سولنگي مٿان به حملو ڪرايو. ڊاڪٽر طاهره ڪنول مون خلاف جعلي ڊگريون هئڻ جا ڪوڙا الزام مڙهي ميڊيا ٽرائل ڪري رهي آهي. ايل ايڇ وي ريحانه کرل صحت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر جنرل، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ڊاڪٽر طاهره ڪنول جي زيادتين کان بچايو وڃي.