خيرپور واسي نوجوان انٽرنيشنل هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ چونڊجي ويو

0
562
خيرپور واسي نوجوان

خيرپور (اسپورٽس نيوز) خيرپور واسي نوجوان سيد ميثم عباس زيدي ملائشيا ۾  ٿيندڙ انٽرنيشنل ھاڪي ٽورنامينٽ لاءِ سليڪٽ ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان سيد ميثم عباس زيدي پاڪستان ايجوڪيشن بورڊ ٽيم لاءِ سليڪٽ ٿيو آهي

جيڪو پنهنجي ٽيم سان گڏ 14 جولاءِ تي لاھور ايئرپورٽ کان ملائشيا روانو ٿيندو. ان حوالي سان نوجوان سيد ميثم عباس زيدي جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ھاڪي ٽورنامينٽ لاءِ سليڪٽ ٿيڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي

هن چيو ته منهنجي والدين، استادن ۽ ڪوچز جن ۾ سيد ذاڪر حسين زيدي، ذوالفقار علي ڏھوٽ، عرفان علي، غلام مرتضيٰ، اظھار حسين ۽ ٻين جي دعائن ۽ محنت سان پاڪستان ايجوڪيشن بورڊ ٽيم لاءِ سليڪٽ ٿيو آھيان، منهنجي ڀرپور ڪوشش رهندي ته ٽورنامينٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪرايان