خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت شهريءَ جي درخواست تي حيدرآباد جي ريئل اسٽيٽ ايجنسي مالڪ ۽ مئنيجر خلاف نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. سيشن جج خيرپور جي عدالت منشي پاڙي خيرپور جي رهواسي عبدالمالڪ شيخ طرفان داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي حيدرآباد جي شايان ريئل اسٽيٽ ايجنسي مالڪ مشتاق احمد راهوجو ۽ مئنيجر فاروق احمد خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. درخواستگذار ريئل اسٽيٽ ايجنسي مالڪ ۽ مئنيجر خلاف ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جي الزامن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي.