خيرپور (رپورٽر) خيرپور انٽر ڪلب ھاڪي ٽورنامينٽ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، مهراڻ هاڪي ڪلب ۽ ينگ اسپورٽس هاڪي ڪلب ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. پهرين سيمي فائنل ۾ مھراڻ ھاڪي ڪلب 4-2 تان سٽي ھاڪي ڪلب کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ٻئي سيمي فائنل ۾ ينگ اسپورٽس ھاڪي ڪلب 5-1 تان ڪنگري ھاڪي ڪلب کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.. هوڏانهن انٽر ڪلب جو فائنل مھراڻ ھاڪي ڪلب ۽ ينگ اسپورٽس ھاڪي ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويندو. ٽئين پوزيشن جو ميچ سٽي ھاڪي ڪلب ۽ ڪنگري ھاڪي ڪلب وچ ۾ ٿيندو پنجين پوزيشن جو ميچ ڊائمنڊ ھاڪي ڪلب ۽ ينگ ھاڪي ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويندو.