ڪراچي/ خيرپور(نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت هڪ  مهيني اندر خيرپور ۾ ٽيون ڊي سي مقرر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سروسز کاتي ڊي سي نور احمد سمون کي هٽائي  وفاقي سروسز جي 18هين گريڊ جي آفيسر شرجيل نور کي ڊي سي مقرر ڪيو آهي، ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي فون ڪري نور احمد سمون جي شڪايت ڪئي هئي، واضح رهي ته  انهي کان اڳ  سيف الله ابڙو کي 2 هائوسز جي اختلافن سبب هٽايو ويو هو،