خيرپور ناٿن شاهه  (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ۾ 3 ڄڻا بک وگهي موت جي منهن ۾ هليا ويا، هڪ جو لاش جانور کائي ويا. ان ڏس ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي شهباز ڪالوني جو رهواسي ڍولو ساکاڻي بک سبب تڙپي تڙپي گهر ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ٽن ڏينهن گهر ۾ پيل هيو ۽ لاش کي جانورن پئي پٽيو. ڪالهه رشتيدارن لاش کي ڏٺو ۽ اسٽاپ وٽ جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته ٻوڏ سبب وارث نه پهتا، هن مهل تائين خيرپورناٿن شاھ واسين جي ڪنهن به سار نه لڌي ماڻهون بک اڃ ۽ مختلف بيمارين ۾ پيا مرندا پيا وڃن چونڊيل نمائنده به اگهور ننڊ ستل آهن. ٻئي پاسي شاه لطيف ڪالوني جو رهواسي 38 ورهين جو نوجوان عبدالحميد چانڊيو عرف شارخ خان ٻوڏ ۾ پنهنجي گهر جي حفاظت لاءِ شهر ۾ رهيل هيو جيڪو بيماري سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو خيرپورناٿن شاهه شهر سميت ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 7 ٿي ويو آهي، خيرپورناٿن شاهه شهر سميت ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ جي ڪري هر روز ماڻهو مري رهيا آهن ، خيرپورناٿن شاهه ۾ سماجي خدمتون سر انجام ڏيندڙ نوجوان آصف شيخ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته 19 ڏينهن کان شهر اندر بيٺل پاڻي کي فوري نيڪال ڪري بجلي گئس پي ٽي سي ايل بحال ڪري شهر ۾ زندگي معمول مطابق آڻي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن. هوڏانهن يوسي ڪنڊي چکي ۾ ڳوٺ نبي بخش ڀنڀرو جو رهواسي شمن قمبراڻي جو نوجوان پٽ امتياز علي قمبراڻي  بک ۽ بيماري سبب فوت ٿي ويو آھي.