خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ 21 ڏينهن گذرڻ باوجود ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن جي تاريخي شهر مان ٻوڏ جو پاڻي انتظاميا جي ناهلي جي ڪارڻ نيڪال ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته ايف پي بند سپريو بند ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ ۽ رائيس ڪئنال کي لڳل گهارا بند ناهن ڪرايا ويا جڏهن ته ڳوٺن بندن ۽ شهر ۾ ويٺل هزارين ٻوڏ متاثر کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آهي، ٻوڏ جو گندو پاڻي پيڻ جي ڪري مرد عورتون معصوم ٻارڙا نوجوان مليريا گيسٽرو پيٽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ضلعي انتظاميا متاثرن کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي هر روز ماڻهو بيمارين ۾ مري رهيا آهن صحت کاتي اک نه پٽي آهي. هوڏانهن خيرپورناٿن شاه شهر ۾ شهرين سنڌ ۡحڪومت ضلعي انتظاميا خلاف  شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي ايڊوڪيٽ شعبان ملاح ، فقير محمد شيخ ، ڊاڪٽر شاهنواز گاڌهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ٿيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صوبائي وزير صلاحڪار صرف بيانن تائين محدود آهن شهري توڙي ڳوٺاڻا نڌڻڪا ٿي ويا چونڊيل نمائندا پ پ جا مقامي عهديدار ضلعي انتظاميا مڪمل خيرپورناٿن شاه جي عوام کان لاتعلقي ڪري مسلسل فرار ٿيل آهن ، اسين چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون نوٽيس وٺي شهر مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي بندن کي پيل گهارا بند ڪرائي شهر ۾ بجلي گئس موبائيل نيٽ ورڪ جي سهولت فراهم ڪري شهرين ڳوٺاڻن کي کاڌ خوراڪ دوائون پيئڻ جو صاف پاڻي جو  بندوبست ڪري وڌيڪ انساني جانين کي بچايو وڃي