خيرپورناٿن شاهه ( ن پ ا ) خيرپورناٿن شاهه ۾ ڳوٺ راوت خان لغاري جي رهواسين زاهد لغاري ، محمد ڪامل لغاري جي اڳواڻي ٻين ڳوٺاڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بااثر وڏيري خلاف هوري اسٽاپ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي علمدار چوڪ تائين  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن دانهيو ته اسان جي 20 جريب زمين ديھه جکرو ۾ آهي جنهن جو کاتو رڪارڊ اسان جي نالي تي آهي ڳوٺ روات خان لغاري جي بااثر وڏيري زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اسان جي زمين جا کاتا تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اسان زمين تي وڃون ٿا ته اسان کي موتمار ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هو بااثر وڏيرو آهي اسين بي پهچ مسڪين آهيون اسان لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي اٿس، هو سياسي طور تي وڏو بااثر آهي اسين خوف ۾ ڳوٺان شهر لڏي آيا آهيون هو اسان کي جاني نقصان پهچائي سگهي ٿو اسان خوف ۾ ورتل آهيون انصاف لاء دربدر ٿيل آهيون مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهيون انصاف ڪري زمين تان وڏيري جو قبضو ختم ڪرايو وڃي هنن دانهيو ته بااثر وڏيري ڪيترن مسڪين ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪري چڪو آهي اسان جي 20 جريب زمين تان قبضو ختم ڪرڻ لاء تيار ناهي. رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري کاتا تبديل ڪرڻ چاهي ٿو هنن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي بااثر وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪصو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.