خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي گوزو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بيد شريف ۾ گذريل رات دير سان نا معلوم چور شهزاد لغاري جي گهر مان 5 رڍون چورائي ويا، جنهن بعد متاثر پورهيت شھزاد لغاري پاڪ ڪتاب کڻي گوزو ٿاڻي وڃي پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس دانهن ٻڌڻ بجاء ٿاڻي تان ڪڍي ڇڏيو بعد ۾ رڍون واپس ڪرائڻ لاء سڄي تر ۾ گهمايو، ان هن دانهيندي ٻڌايو ته مان مسڪين ماڻھون آھيان رڍون پالي ٻچن جو گذر سفر ڪندو آھيان جيڪو رات جو چور پنج رڍون چورائي ويا آھن هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ ڪتاب کڻي گوزو ٿاڻي ويس ته اتي موجود پوليس اهلڪارن داد فرياد وٺڻ بجاء مون کي واپس موٽائي ڇڏيو ، هن آئي جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته چوري ٿيل رڍون واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪري مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي.