خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ ٻوڏ کي ٽن مهينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود شهر جي شوڪت سٽي ون شوڪت سٽي ٽو ، سبحان الله ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۾ 3 کان 4 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي. رستا روڊ پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري ڪالوني واسي سخت مشڪلاتن ۾ پاڻي مان لنگهي گهرن ڏانهن سخت ڏکيائن ۾ اچي وڃي سگهن ٿا. هوڏانهن ٻهراڙين جا اڪثر ڳوٺ زرعي زمينون ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهن زرعي زمين ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پوکائي سخت متاثر ٿي وئي آهي، جڏهن ته ساريالو فصل ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ کانپوء زرعي زمين ۾ پاڻي بيٺل هجڻ جي ڪري مال جي چاري جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي هر روز جانور بک ۾ مري رهيا آهن مالوندون مال جي چاري لاء پريشانآهن.  سياسي سماجي اڳواڻن شهري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين حافظ حاجن لغاري ، ايس ٽي پي اڳواڻ علي حسن جانوري، شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي، ايس يو پي اڳواڻ غلام محمد گاڏهي، سماجي ڳواڻ شيراز شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خيرپورناٿن شاه مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي ناهي سگهي شهر جي ڪيترن ڪالونين ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي ٻهراڙين ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي ضلعي انتظاميا پ پ جا چونڊيل نمائندا وزير صرف فوٽو سيشن ۾ پورا آهن، پاڻي نيڪال جي نالي تي ڪروڙين روپيا تيل جي مد ۾ ڪڍي هڙپ ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته هارين جو گذر سفر جو واڌ ذريعو زراعت تي آهي جيڪي سڄو سال ان فصل تي گذارو ڪندا آهن ساريالو فصل ٻڏي لڙهي وڃڻ جي ڪري لکين هاري آبادگار معاشي طور تي تباه برباد ٿي ويا آهن جيڪي چئن مهينن کان بک بدحالي ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن اسين عالمي ادارن ڊونرس اين جي اوز کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ خيرپورناٿن شاه تعلقي جو عوام نڌڻڪائپ جو شڪار آهي چئن مهينن کان خيرپورناٿن شاه واسين جي ڪنهن به سار ناهي لڌي متاثر ٻچن سميت سخت سردين ۾ بيحال ٿي ويا آهن هن وقت راشن ٽينٽ ڪمبل گرم ڪپڙن جي سخت ضرورت آهي سردندي وارا خيرپورناٿن شاه جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي دلي کولي سهائتا ڪن ره جئين هو پنهنجون زندگيون بچائي سگهن.