خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا)  شهرين حافظ محمد امين جمالي، حاجي ڪنڀر، اويس شيخ جي اڳواڻي ۾ شهر مان پاڻي نيڪال، ڪٽ ڏنل بندن کي  بند ڪرڻ ۽ راشن ۽ ٻين سهولت لاءِ احجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سنڌ سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ طرف خيرپورناٿن شاھ کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو آهي ۽ هاڻي شهر مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن شهر سڄو ڊيم ٿي ويو آهي سڄو تعلقو ٻڏي ويو پاڻي گهرن جي ڇتن تائين پهچي ويو آهي هنن چيو ته شهر ۾ اڃان تائين خاندان ڦاٿل آهن ڪي ماڻهون بندن جي ڪپرن تي ويٺا آهن اسان وٽ هاڻي کاڌ خوراڪ ته ٺهيو پر پيئڻ لاء پاڻي به ڪونهي  ماني ڳڀي لاء مري رهيا آهيون هن مهل تائين اسان ڪو چونڊيل نمائندو يان ضلعي نمائندو به نه پهتو آهي شهر ۾ بيٺل پاڻي جي ڪري جيڏانهن ڪيڏانهن بدبوء پکڙجي وئي آهي جنهن سبب خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي هنن چيو ته آخر خيرپورناٿن شاھ جي عوام ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي جو اسان کي ايتري سزا ڏني پئي وڃي هنن سپريم ڪورٽ جي چيف آف جسٽس ۽ چيف آرمي آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.