خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا)  خيرپورناٿن شاهه ۾  ٻوڏ متاثر نوجوان غربت کان تنگ ٿي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳوٺ احمد خان لغاري ۾ ٻوڏ متاثر نوجوان 34 ورھين جو ضمير حسين لغاري غربت مان تنگ ٿي گھر ۾ ڳچيءَ ۾ رومال وجهي ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ،اطلاع تي خيرپورناٿن شاه ڳوٺ احمد خان لغاري ۾ پهچي خودڪشي واري هنڌ جو معائنو ڪري نوجوان جي والد محب حسين ۽ والده مسمات سڪينه پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته اسان جو پٽ بيروزگاري سبب سخت پريشان ۽ مايوس رهندو هيو جنهن اڄ غربت کان تنگ ٿي گهر جي ڪمري ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، رابطي تي پوليس ٻڌايو ته اسان خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي ڳوٺ وڃي جاچ ڪئي سين ڳوٺاڻن ۽ نوجوان جي والدين جا بيان ورتا نوجوان غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا. هوڏانهن نوجوان جي گهر ۾ قهرام متل امڙ پٽ جي لاش مٿان اوڇگارون ڏيندي روئيندي رهي.