خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ مهراڻ پريس ڪلب جي صحافين پاران ميهڙ جي سينئر صحافي ۽ س ا س جي مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو مٿان  پي ٽي آء اڳواڻ جي چوڻ تي داخل ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف صحافين مختيار چانڊيو, ارشاد کوسو ، اطهر بخاري ,نواب منگي ، اياز ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ علمدار چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين چيو ته سينئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو مٿان ڪوڙو ڪيس ختم نه ٿيو هنن چيو ته آزاد انور ڪانڌڙو کي سچيون خبرون هلائيڻ تي هراسان ڪرڻ لاء ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي صحافين کي حراسان ۽ ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪيون وڃن ڪوڙو ڪيس فوري ختم ڪيو وڃي .