خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ويجھو ڪاڇي جي ڳوٺ سالاري ۾ گهرو اڻبڻت تان 24 ورهين جو نوجوان انور علي ولد غلام علي لاشاري جيت مار زهريلي دوا پئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي حالت نازڪ ٿي وئي، گهر ڌڻي کيس تعلقي اسپتال خيرپور ناٿن شاه کڻائي آيا جتي ڊاڪٽر کيس طبي امداد ڏئي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪري ڇڏيو.