خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه شهر مان 23 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڊي سي دادو ايريگيشن ۽ واپڊا اسڪارپ جي عملدارن ڪو به تحرڪ نه ورتو. ڪي اين شاهه شهر توڙي ڳوٺن بندن تي ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن. جتي کاڌ خوراڪ پيئڻ جو پاڻي دوائن جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي. هوڏانهن شهرين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خلاف مير حسن چونڪ تي شهري اتحاد چئرمين حافظ محمد امين جمالي ، سماجي اڳواڻ حاجي اصغر شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن دانهيندي چيو ته ڊي سي دادو جي نااهلي جي ڪري شهر ۾ هن وقت به 4 کان 7 فوٽ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جنهن پاڻي کي نيڪالي ڪرڻ لاء ضلعي انتظاميا ڪجه ناهي ڪيو صرف بيانن تائين محدود آهي مسلسل 23 ڏينهن کان پاڻي بيهڻ جي ڪري شهر توڙي ڳوٺن ۾ هزارين جايون ڪري پيون آهي هر روز چوپايو مال بک بيمارين جي ڪري مالوندن جي اکين اڳيان مري رهيو آهي هنن چيو ته هر روز ماڻهو بک بيمارين ۾ مري رهيا آهن پر حڪمرانن کي خيرپورناٿن شاه جي عوام تي رحم نه ٿو اچي عوام اذيتن ۾ ڏينهن گذارڻ تي مجبور آهي تاريخي شهر کي حڪمرانن ڊي سي دادو موهن جو دڙو ڪري ڇڏيو آهي تاريخي شهر اسان جو اجاڙيو ويو آهي عوام انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو جن اسان ڪي شهر کي هٿ وٺي ٻوڙايو آهي اسين سپريمنڪورٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پر زور مطالبو ٿا ڪريون خدارا نوٽيس وٺي خيرپورناٿن شاه شهر مان پاڻي نيڪال ڪرائي بندن کي لڳل گهارا فوري بند ڪرايا وڃن عوام کي تڪليفن مان نجات ڏياري وڃي.