خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي اڪائونٽنٽ ۽ سوئيپر جي دوست ۾ جهيڙو، اڪائونٽنٽ سميت ٻه ڄڻا زخمي، اسپتال داخل. خبر موجب ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي اڪائونٽنٽ عارف چني ۽ هڪ شخص عبدالغفور وساڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران ٻنهي هڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي هڪ ٻئي کي رتورت ڪري ڇڏيو. عبدالغفور وساڻ کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي. ان ڏس ۾ ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي اڪائونٽنٽ عارف چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عبدالغفور وساڻ ڀتاخور آهي، هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڀتو گهرڻ آيو، انڪار ڪرڻ تي هنن حملو ڪري مون کي زخمي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي زخمي عبدالغفور وساڻ جو چوڻ هو ته هو ميونسپل ڪاميٽي جي سوئيپر تيمور شيخ سان گڏ کيس پگهار وٺي ڏيڻ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس ويس ته عارف چني کيس مٿي ۾ گلاس هڻي رتورت ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مون مٿان ڀتا خوريءَ جا الزام بي بنياد آهن، عارف چني خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.