خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڳوٺاڻي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا. خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل شاهنواز ولد ڪريم بخش ڊرگهه جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پرويز ولد ميرل سهاڳ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل خيرپور اماڻي ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. ساڳي عدالت غير قانوني ڪلاشنڪوف هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ساڳي جوابدار کي وڌيڪ 14 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. واضح رهي ته سزا ٻڌايل جوابدار خيرپور جي ڪچي جي ٿاڻي ڦلو جي حد ڳوٺ سائدي اسٽاپ ڀرسان مال پڙي وٽ 08 سيپٽمبر 2013 تي پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري شاهنواز ولد ڪريم بخش ڊرگهه کي قتل ڪيو هو.