خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ عورت کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ سندس ٻن ڏيرن کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 جي جج وسيم بشير کوسو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ  جان محمد جانوري ۾ 3 مهينا اڳ اڳ گهريلو تڪرار تان لٺيون هڻي ڀاڄائي مسمات نسرين کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڏيرن دادلو ۽ راضي خان جانوري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين هڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو.