خيرپور (رپورٽر) خيرپور لال سائينءَ جي چاليهي (ميلي) دوران لال مندر ۾ ڪريڪر ڌماڪو، هڪ نينگريءَ سميت 3 ڄڻا زخمي، سول اسپتال منتقل، ايس ايس پي دعويٰ ڪئي آهي ته گٽر لائين ۾ گيس پريشر وڌڻ سبب ڌماڪو ٿيو. هندو برادري پوليس جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، احتجاجي مظاهرو، ڊي آءِ جي سکر ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. خبر موجب خيرپور ۾ خاڪي شاهه پل ڀرسان قائم لعل مندر ۾ لعل سائين جي چاليهي (ميلي) دوران اوچتو ڌماڪي سبب هڪ نينگري انجلينا، روي ڪمار ۽ ونود ڪمار زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو ويو. ڌماڪي دوران ميلي ۾ موجود هندو برادري جي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. واقعي جو اطلاع ملڻ بعدوڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار پهچي ويا، جن علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ واقعي واري هنڌ پهتو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لعل مندر ڀرسان ڪوبه ڪريڪر ڌماڪو نه ٿيو آهي، گٽر لائين ۾ گيس جو پريشر وڌي وڃڻ ۽ ان ڀرسان هندو برادري جي ماڻهن پاران ڦٽاڪا ٻارڻ سبب گٽر جو ڍڪڻ ڌماڪي سان ٻاهر نڪتو آهي. هن چيو ته واقعي دوران ڪوبه ماڻهو زخمي ناهي ٿيو، ان جي باوجود وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملو پڻ گهرايو آهي، جنهن سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي هندو برادري جي ماڻهن ويرو مل، گهنشام داس، ڀوڄومل، جتيندر ۽ پرديپ ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعري بازي ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته ميلي دوران ڪريڪر ڌماڪي جي باوجود ايس ايس پي خيرپور معاملي کي لڪائڻ چاهي ٿو. واقعي جي شفاف انڪوائري ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن واقعي بعد ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر محمد عظيم واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل ورتا. ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي.


































