خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ  تي 6 جوابدارن کي 2- 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. خبر موجب خيرپور ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن فياض ڪانڌڙو، نورالله عرف نورو، گلڻ عرف گلو عرف علي گل، ڪوڙو، لطيف ڏنو ۽ سومر ڪانڌڙو کي 2- 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. واضح هجي ته ڄاڻايل جوابدارن 6 سال اڳ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد مٺڙي بس اسٽاپ ڀرسان فائرنگ ڪري راول عرف گورو ڀيل کي قتل ۽ پوليس ڪانسٽيبل هادي بخش ڀنڀرو ۽ نواز کوکر کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. واقعي جو ڪيس پوليس ڪانسٽيبل هادي بخش ڀنڀرو جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. ڪيس جا 2 جوابدار ذاڪر ۽ درگاهي ڪانڌڙو روپوش قرار ڏنل آهن.