خيرپور: عدالت جو عرب شهزادن کي پيش ڪرڻ جو حڪم

0
135

خيرپور(ن پ ا) اڇڙي ٿر ۾ عرب شھزادن جي زيادتين خلاف خيرپور جي عدالت ۾ داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي، ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ عرب شهزادن کي پيش نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

درخواستگذار رضا شر چيو ته اڇڙي ٿر ۾ شڪار لاءِ آيل عرب شھزادن پاران مقامي ماڻھن سان زيادتين ۽ پر امن احتجاج خلاف عدالت سان رابطو ڪيو آھي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي

ايڊوڪيٽ محمد نواز شر چيو ته عرب شهزادن پاران اڇڙي ٿر ۾ مقامي ماڻھن سان زيادتين واري ڪيس ۾ عدالت مان اميد آهي ته شهزادن ۽ انهن جي نوڪرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي

عدالت عرب شھزادن کي پيش ڪرڻ لاءِ خيرپور پوليس کي هدايتون جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي  ملتوي 3 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي