خيرپور (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڪورونا وئڪسين نه ڪرائيندڙ پوليو ورڪرز ۽ ويڪسينيٽرز کي پوليو توڙي ارڙيءَ کان بچاءَ واري مهم لاءِ فيلڊ ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ساڳئي وقت پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ سمورن ورڪرز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڊي سي آفيس ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڊي ايڇ او محمد حسين ابڙو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي واضح هدايتن موجب پوليو توڙي ارڙيءَ خلاف مهم ۾ حصو وٺندڙن کي ويڪسين لڳائي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪئي ويندي. ڊي ايچ او خيرپور اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي خيرپور ۾پوليو مهم 20 سيپٽمبر کان شروع ٿي 26 سيپٽمبر تائين جاري رهندي.