سکر: روھڙي ڪئنال، ميرواھ ڪئنال ۽ ابل واھ ۾ بااثر ماڻھن طرفان صرف خيرپور ضلعي اندر 51 غيرقانوني ڪٽ ڏنا ويا آھن، برساتي نالن توڙي پاڻيءَ جي لنگهن تي قبضا ڪيا ويا، تنھن ڪري نقصان ٿيو آھي. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب چيف انجنيئر سکر بئراج سردار شاھ طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خيرپور ضلعي جي مختلف ھنڌن تان ميرواھ ڪئنال، روھڙي ڪئنال ۽ ابل واھ کي بااثر ماڻھن طرفان 51 غير قانوني ڪٽ لڳايا ويا آھن، جن مان صرف هڪ ڪٽ جي ايف آءِ آر ٿي آھي، پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناھي آئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اسڪارپ جا پمپ اسٽيشن مڪمل طور تي غير فعال بڻيل آھن، تنھن ڪري سم نالا اوور فلو ٿيا آھن. چيف انجنيئر سکر بئراج سردار شاھ عدالت کي ٻڌايو ته پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ناھي، برسات جي پاڻي وارا نالا تباھ ٿيل آھن. قدرتي لنگهن تي بااثر ماڻھن جا قبضا آھن، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب نارو ڍورو جو پراڻو لنگھه ھو. سنڌ جي مختلف علائقن کان ٿيندي ڪوٽڙي ڪبير وٽان سنڌوءَ ۾ پاڻي چوڙ ٿيندو ھو، جِتي به فيڪٽريز ۽ پيٽرول پمپ ٺھي ويا آھن. چيف انجنيئر سکر بئراج عدالت کي ٻڌايو ته ٽن ڏينھن اندر سنڌوءَ جي وھڪرن ۾ گھٽائي ايندي، جنھن بعد پاڻي روھڙي، ڪنڊيارو سڪرنڊ ۽ مٽياري ذريعي سنڌوءَ ۾ چوڙ ڪيو ويندو.