سکر: سنڌ اندر ٻارڙن سان جنسي زيادتين ۽ ننڍي عمر جي واقعن ۾ خيرپور ضلعو پھرين نمبر تي، ٻارڙن مٿان جنسي زيادتي وارن واقعن ۽ ننڍپڻ جي شادين وارن واقعن متعلق سماجي تنظيم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن جو جائزو وٺڻ بعد ٻنھي خيرپور ضلعو اِن قسم جي واقعن ۾ پھرين نمبر تي موجود آھي، جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ اندر ننڍي عمر جي ٻارڙن سان جنسي زيادتي وارا ڪيس سڀ کان وڌيڪ خيرپور ضلعي ۾ 117 پيش آيا آھن، جڏھن ته گھوٽڪيءَ ۾ 85، سکر 38، لاڙڪاڻو45، ڪراچي 58 ڪيس ظاھر ٿيا. جڏھن ته سنڌ اندر ننڍ پڻ جي شادي جا 91 ڪيس سامھون آيا جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس خيرپور ضلعي ۾ 20 ڪيس سامھون آيا، گھوٽڪي ۾ 14 ۽ دادو ۾ 11 ڪيس رپورٽ ٿيا.