خيرپور/ اڪري/ ڪوٽڏيجي/ کهڙا (نمائندا) خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ڇهين محرم الحرام تي شهزادي  حضرت قاسم جي ياد ۾ 200 سالا قديمي کهنبي جو ماتم، هزارين عزادارن طرفان گرزن، چاقن، تلوارن جو ماتم ڪري ڀيٽا پيش، عزادارن کي کهنبي واري دستار جي زيارت ڪرائي وئي، ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ حفاظتي انتظام سخت، داخلي ۽ خارجي رستا ڪنڊيدار تارن سان سيل. خبر موجب خيرپور ۾ ڇهين محرم الحرام تي 200 سال قديمي گهوٽ قاسم عه، شهزاده حضرت علي اڪبر عه جي دستار، سهري ۽ ٻين تبرڪن جي زيارت سان گڏ مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري، امام بارگاهه علي رضا شاهه ٿلهي، امام بارگاهه جانوري ڳوٺ، امام بارگاهه جادو شاهه، بالي واري بنگلي ۽ ٻين امام بارگاهن کان کهنبي جا ماتم برآمد ٿيا. ماتمي جلوسن ۾ عزادارن زنجيرن، گرزن ۽ چاقن سان ماتم ڪيو. خيرپور شهر جي مختلف امام بارگاهن تان 100 کان وڌيڪ ماتمي جلوس پهتا. ان دوران حضرت شهزادا قاسم جي ياد ۾ کهنبي واري دستار جي مخصوص انداز ۾ زيارت ڪرائي وئي. خيرپور ۾ 6 محرم الحرام تي اهڙي رسم شام جو 4 ۽ 5 وڳي جي وچ ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. 6 محرم الحرام تي ڪوٽڏيجي شهر ۾ پڻ کهنبي جو شهزادا قاسم گهوٽ جي ياد ۾ ماتم ڪيو ويندو آهي. کهنبي جي ماتم جي موقعي تي ٿلهي علي رضا شاهه وٽ مختلف اسڪائوٽس تنظيمن طرفان امدادي ڪيمپون پڻ لڳايون ويون هيون. ان موقعي تي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. شهر جي داخلي توڙي خارجي رستن تي خاردار تارون وڇائي رستن کي سيل ڪيو ويو. جڏهن ته ماتمي دستن جي حفاظت جي لاءِ شهر جي مختلف چوڪن چوراهن تي رينجرس ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. صورتحال جي مانيٽرنگ ڪرڻ جي لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ نصب ڪيون ويون. ان کان اڳ ڇهين محرم جي مجلس کي خطاب ڪندي مولانا علي رضا جعفري، مولانا منظور حسين سولنگي ۽ مولانا عرفان علي شاهه، باقر حسين زيدي، مولانا غلام باقر ڏهراج، مولانا يوسف رضا ڪاظمي ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪربلا جي شهيدن خراج عقيدت پيش ڪئي. هوڏانهن ڪوٽڏيجي، کهڙا ۽ اڪري چودڳيءَ ۾ پڻ قديمي کهنبي جا ماتمي جلوس ڪڍي شبيهون برآمد ڪيون ويون.