خيرپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري علي احمد راڄپر خيرپور ضلعي جي اٺن تعلقن جي 60 پرائمري استادن کي ايچ ايس ٽي طور پروموشن ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڪيترن سالن کان پرائمري استادن جا ايچ ايس ٽي طور پروموشن رڪيل هئا. واضح رهي ته سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاريءَ جي خيرپور واري دوري دوران پرائمري استادن پنهنجي ترقين ۾ غيرضروري دير ڪرڻ تي ضلعي آفيسرن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو. ان بعد سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاريءَ جي هدايتن تي پروموشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پروموشن ماڻيندڙ استادن ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي. جڏهن ته پروموشن کان رهجي ويل استادن جو چوڻ هو ته آهي ته پروموشن لسٽ ۾ اقربا پروري ۽ پنهنجانوازي ڪئي وئي آھي. هنن ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاريءَ کان مطالبو ڪيو ته حقدار استادن جا پروموشن نه ڪيا ويا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.