خيرپور (رپورٽر) خيرپور شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ جو آزار ختم نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته شهر اندر مقرر ٿيل ٽريفڪ اهلڪار ڪِٿي به نظر نه ٿا اچن، شهر ۾ وڏيون گاڏيون اچڻ سبب به ٽريفڪ جام رهي ٿو. وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن کي پارڪنگ نه هجڻ ڪري گاڏيون وچ روڊ تي بيهاريون وڃن ٿيون جنهن ڪري شهرين خاص ڪري عورتن کي پريشاني ٿئي ٿي. شهرين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته خيرپور شهر اندر ٽريفڪ جام ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي ته جيئن شهري ٽريفڪ سبب پيش ايندڙ مشڪلاتن کان بچي سگهن.