خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) سنڌ سرڪار 10 مهينن دوران هڪ ارب 27 ڪروڙ 85 لک 45 هزار رپيا جاري ڪرڻ باوجود سول اسپتال عوام کي صحت جون سهولتون نه ڏئي سگهي آهي، جنهن سبب غريب ۽ بي پهچ مريض خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، ذريعن موجب هلندڙ مالي سال 2020-21 جي 10 مهينن دوران 30 ڪروڙ 99 لک 52 هزار رپين جون دوائون خريد ڪيون پر اسپتال آيل مريض پورو سال دوائن لاءِ ڀٽڪندا رهيا، هلندڙ سال لاءِ دوائن جي خريداريءَ جي مد ۾ 24 ڪروڙ 94 لک 27 هزار رپين جي بجيٽ ڪٿيل هئي پر 6 ڪروڙ 5 لک 25 هزار رپين جي اضافي رقم جون دوائون خريد ڪيون، چند سال اڳ تعمير ڪرايل اسپتال جي سار سنڀال جي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ 14 لک 42 هزار رپيا ڪڍرايا ويا، مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ هلندڙ مالي سال لاءِ 3 ڪروڙ 45 لک 43 هزار رپين جي رقم مختص ٿيل هئي، جڏهن ته مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ 5 ڪروڙ 15 لک 43 هزار رپيا دال چانورن تي خرچ ڪيا ويا، جراهي جي سامان، مشينري، فرنيچر، سرنجن، ايڪسري فلمن ۽ ٻئي سامان جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 56 لک 20 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا، 39 لک 96 هزار رپين جي مريضن کي ميڊيڪل گئس چاڙهي وئي، سول اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ مريض ڪيس فائل سميت ٻي اسٽيشنري بازار مان خريد ڪن ٿا پر اسٽينشنري جي مد ۾ هڪ لک 62 هزار رپيا خرچ ڏيکاريا ويا، پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن جي مد ۾ 3 لک 72 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته ان مد ۾ ڪٿيل رقم هڪ لک 22 هزار هئي، اسپتال جي سيڪيورٽي جي مد ۾ 52 لک 50 هزار رپيا ڪڍيا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي جو ٺيڪو هڪ خانگي سيڪيورٽي ڪمپني کي 20 لکن عيوض ڏنل آهي، اسپتال جي آفيشل دورن جي مد ۾ 43 لک 84 هزار رپيا مختص رقم بدران 53 لک 34 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ مهانگن هوٽلن جي ڪراين، هوائي جهازن جي ٽڪيٽن، ڪارن جي سفرن سميت هيلي ڪاپٽرن جي سفرن جا شاهي خرچن جا تفصيل ڏنا ويا آهن، ڊاڪٽرن توڙي سول اسپتال جي ٻئي عملي پاران اسپتال جي ڪمن لاءِ سفري خرچن جي مد ۾ 8 لک 98 هزار خرچ ڪيا ويا جڏهن ته مختص رقم 6 لک 98 هزار هئي، سول اسپتال خيرپور جي بجلي جي بلن جي مد 7 ڪروڙ 53 لک 34 هزار رپيا ڪڍيا ويا، جڏهن ته جنريٽر جي تيل جي مد ۾ 42 لک 34 هزار رپيا مختص رقم جي بدران 57 لک 10 هزار رپين جو تيل خريد ڪيو ويو، اڻ ذڪر ڪيل خرچن جي مد ۾ 11 ڪروڙ 56 لک 54 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اهڙن خرچن جو ڪوبه وچور نه ڏنو ويو آهي، ته اُهي ڪهڙي مد ۾ ڪڍائي خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته سول اسپتال ۾ گڙدن جي مريضن لاءِ قائم ڊائلاسز سينٽر ناڪارا بڻجي چڪو آهي، 6 مشينن مان چار مشينون خراب ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ٻه مشينون به درست ڪم نٿيون ڪن، جنهن ڪري متاثر مريضن جي رت صاف ڪرڻ وارو عمل رولڙي جو شڪار بڻجي ويو آھي، گڙدن جا مريض سکر ۽ گمبٽ مان ڊائلاسز ڪرائن ٿا.