خيرپور (رپورٽر) پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جا شاندار مقابلا جاري، بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جا ٽائيٽل گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ کٽي ورتا. بيڊمنٽن گرلز جي مقابلن ۾ فائنل مقابلي ۾ سخت مقابلي کانپوءِ گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ  جي ٽيم گورنمينٽ ڪاليج فار وومين خيرپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي چئمپين بڻجي وئي. جڏهن ته ٽيبل ٽينس گرلز جي مقابلن ۾ گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ جي ٽيم گرلز ڊگري ڪاليج گمبٽ کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. هوڏانهن انٽر ڪاليجيٽ فوٽ بال بوائز جا مقابلن جي فائنل ۾ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور جي ٽيم پاڪستان ڊگري ڪاليج کي 3-0 تان هارائي ڇڏيو.