خيرپور (رپورٽر) پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جا شاندار مقابلا جاري، سپريئر سائنس ڪاليج جي ٽيم سوڀاري. خبر موجب انٽر ڪاليجيٽ ھاڪي بوائز جا مقابلا گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور  پاران بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان ۾ منعقد ڪيا ويا جنھن جو فائنل ميچ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ وچ ۾ ٿيو جيڪو سخت مقابلي کان پوءِ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور جي ٽيم4-3 تان کٽي ورتو.  هوڏانهن ٺيڙھي شهر ۾ انٽر ڪاليجيٽ والي بال بوائز جا مقابلا  ٿيا جنھن ۾ فائنل ميچ ڊگري ڪاليج ٺيڙھي ۽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ وچ ۾ ٿيو جيڪو ڊگري ڪاليج ٺيڙھي جي ٽيم کٽي ورتو.