خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جا مقابلا جاري. ان ڏس ۾ انٽر ڪاليجيٽ گرلز ٿرو بال جا مقابلا گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ ٿي گذريا جنھن ۾ خيرپور ضلعي جي 8 گرلز ڪاليج جي رانديگرياڻين حصو ورتو. ٽورنامينٽ جو پھريون سيمي فائنل گورنمينٽ ڪاليج فار وومين خيرپور ۽ گرلز ڊگري ڪاليج راڻيپور وچ ۾ٿيو جنھن ۾ ڪاليج فار وومين خيرپور ڪاميابي ماڻي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ٻيو سيمي فائنل گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۽ گرلز ڊگري ڪاليج گمبٽ وچ ۾ ٿيو جيڪو گرلز ڪاليج گمبٽ کٽي ورتو. فائنل گمبٽ ڪاليج ۽ وومين ڪاليج خيرپور وچ ۾ ٿيو جيڪو سخت مقابلي کانپوءِ گرلز ڊگري ڪاليج گمبٽ 2-0 تان کٽي چيمپيئن بڻجي ويو. ٻئي طرف انٽر ڪاليجيٽ بيڊمنٽن بوائز جا مقابلا گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ ۾ پڄاڻي تي پھتا جنھن جي فائنل ۾ گورنمينٽ سپرئير سائنس ڪاليج خيرپور ۽ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ وچ ۾ مقابو ٿيو جيڪو سخت مقابلي کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ 1-2 تان کٽي ورتو.