خيرپور: زميني تڪرار تان 3 ڄڻا قتل

0
453
خيرپور: زميني تڪرار

خيرپور ويجهو زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن

ڳاڙهي پل واري علائقي ۾ ڏونگراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين هڪٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جن ۾ رحمت الله، رابيل ۽ علي حيدر شامل آهن

واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويو آهي، فائرنگ سبب علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي

هي به پڙهندا

ٽنڊو آدم ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 3زخمي

اڳڙا ويجهو ناري مبينا طور اغوا، وارثن جو ڌرڻو، هڪ جوابدار سوگهو