خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پيپلز پارٽي جي نظرانداز ٿيل جيالن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي. ان حوالي سان خيرپور ڀرسان ڳوٺ سانولو جمالي ۾ وارڊ نمبر 12 جي آزاد اميدوار عقيل جمالي جي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. اڳوڻي وفاقي وزير پرويز شاهه جيلاني جي پٽ ۽ پ پ اڳواڻ شهزاد شاهه جيلاني   سميت ناراض جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي آزاد اميدوار عقيل جمالي چيو ته پ پ خيرپور جي مقامي قيادت پراڻن جيالن کي نظرانداز ڪري خيرپور جي 29 ئي وارڊن تي درٻاري ماڻهن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، جنهن ڪري مجبور ٿي مختلف وارڊن  تي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهيون. شهزاد شاهه جيلاني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته پارٽي جو سرچشمو عوام آهي پر خيرپور ۾ عوامي ۽ جمهوري سوچ فقط ڳالهين تائين محدود ٿي وئي آهي. هن خيرپور واسين کي اپيل ڪندي چيو ته پ پ جي پراڻن ورڪرن ۽ آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي.