خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. خيرپور جي ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ راڻيپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪاٺڙي پٺاڻو ۾ 28 ڊسمبر 2014 تي ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري قتل ڪيلمسمات بيبل زال علي حسن لاڙڪ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار معشوق لاڙڪ، منٺار ۽ جاويد لاڙڪ عمر قيد ۽ ٽي ٽي لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6- 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندا.