خيرپور (رپورٽر) سول جج خيرپور جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ روپوش جوابدار اختر ڪونڌر خلاف قلم 87/88 جي ڪاروائي ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ٿرڊ سول جج جي عدالت پڻ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ روپوش جوابدارن عبدالمنان جنڊاڻ، روشن علي، گلشير جنڊاڻ ۽ بابو کي اشتهاري قرار ڏيندي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.