خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ يتيم شاهه گجو جي رهواسڻ مسمات نسرين  خاصخيلي ساڳئي ڳوٺ جي بااثر زبير احمد ڦلپوٽو خلاف درخواست داخل ڪرائيندي ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي. اهڙي درخواست بعد سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت جوابدار ڄاڻايل زبير احمد خلاف نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.