خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ فورٿ سول جج راجا مشهود حسين قريشي جي عدالت خوني ڌمڪيون ڏيڻ جي هڪ ڪيس ۾ 6 جوابدارن محمد علي، حيدر علي، احمد علي، محمد اسلم، پسند علي ۽ عمران علي جتوئي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪيس ٽنڊو مستي پوليس ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.