خيرپور (رپورٽر) فورٿ ايديشنل سيشن جج  خيرپور جي عدالت ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد مان هڪ عورت جي اغوا ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل اختر حسين مجيداڻو جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کيس هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سول ڪورٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ ڌاڙي ڪيس ۾ جوابدار غلام علي سومرو، سڪندر علي عرف ڊرائيور ۽ گل محمد سومرو جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.