خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس سان مقابلي ۽ اهلڪارن کان هٿيار ڦرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 جوابدارن کي 4-4 ڀيرا عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. خبر موجب خيرپور ۾ دھشتگردي جي انت واري عدالت پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ کانئن سرڪاري هٿيار ڦر ڪرڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 جوابدار وزير جمالي، حبيب الله عرف حبلو، شاهن ناريجو، عبدالمجيد ناريجو، عبدالوحيد الرو، راجا اوڍو، صاحب ڏنو ناريجو، ڀائي خان ناريجو، روشن علي ناريجو ۽ وسيم ناريجو کي 4-4  ڀيرا عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. سزا ٻڌايل هر جوابدار شهيدن جي وارثن کي اڍائي اڍائي لک لک رپيا ادا ڪندو، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 10، 10 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندا. واضح رهي ته سال 2016 ۾ سزا ٻڌايل جوابدارن فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس سان مقابلي دوران ٻن اهلڪارن مبارڪ ناريجو ۽ مختيار علي کي شهيد ڪيو ۽ اهلڪارن کان سرڪاري هٿيار پڻ ڦر ڪيا هئا. مقابلي دوران هڪ ڏوهاري بلاول عرف بلو ناريجو پڻ مارجي ويو هو. پوليس سندس 10 ساٿين کي گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو.