خيرپور (رپورٽر) ٿرڊ سول جج خيرپور عبدالجبار ميتلو جي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ ڌاڙي جي ڪيس  ۾ فريادي محمد بخش منگيءَ جي مسلسل غيرحاضر رهڻ تي نادرا اختيارين کي ليٽر جاري ڪندي سندس شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ساڳي ٿاڻي جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڳوٺ حسين بخش جتوئيءَ جي رهواسي گل حسن عرف گڊو جتوئي خلاف قلم 88/87 جي ڪاروائي ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏئي سندس ملڪيت ضبط ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.